ديوان غزل هاي مير محمد نصير خان تالپور جعفري

ديوان غزل هاي مير محمد نصير خان تالپور جعفري

ديوان غزل هاي مير محمد نصير خان تالپور جعفري

ديوان غزل هاي مير محمد نصير خان تالپور ’جعفري‘ (ڪتاب): هي ديوان ٽالپرن جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر ’جعفريءَ‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي، جنهن کي ايران جي ٻن نامور اديبن ڊاڪٽر علي رضا بهشتي ۽ ڊاڪٽر محمد بارانيءَ مرتب ڪيو آهي. پيش لفظ ڊاڪٽر محمد بارانيءَ لکيو آهي. ديوان بابت تفصيلي مقدمو ڊاڪٽر علي رضا بهشتي ۽ ڊاڪٽر محمد بارانيءَ گڏجي لکيو آهي، جنهن ۾ مير نصير خان ٽالپر جي زندگيءَ جي احوال سان گڏ تصنيفن ۽ ديوان بابت شرح يعني غزلن تي علم معاني، علم بيان، فصاحت ۽ بلاغت جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ حافظ شيرازي ۽ سعدي شيرازيءَ جي غزلن جي تتبع تي چيل مير نصير جي غزلن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي، مير نصير جي غزلن ۾ جتي به قرآني آيتن ۽ حديثن جو ذڪر آهي، انهن کي نمايان ڪري وضاحت ڪئي وئي آهي.
مير نصير خان ٽالپر جي هن فارسي ديوان ۾ غزل حروف تهجي الف- ب ترتيبوار رديفن مطابق رکيل آهن. ديوان ۾ ڪل 511 غزل آهن.
چار رنگي ٽائيٽل، ڊبل ڪرائون سائيز وارو 305 صفحن تي مشتمل هي فارسي ديوان، ايران جي شهر زاهدان جي هڪ مشهور يونيورسٽي ’دانشگاهه سيستان و بلوچستان مرڪز مطالعات شبه قاره و آسياي جنوبي‘ مان 2010ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 45000 ريال ڄاڻايل آهي.
ايران مان شايع ٿيندڙ هن ديوان جو اصل نسخو ’پنجاب يونيورسٽي لاهور‘ ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو